ٽيلي ناٽڪ ڪيئن ٺاهجي

ٽيلي ناٽڪ ڪيئن ٺاهجي

ٽيلي ناٽڪ ڪيئن ٺاهجي

ٽيلي ناٽڪ ڪيئن ٺاهجي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري ليکڪ ايوب گاد جو آهي، جنهن ۾ ٽيلي ناٽڪ جي فن بابت تفصيلي سمجهايو ويو آهي. ڪتاب ۾ نامياري ڪهاڻيڪار اخلاق انصاري، نوجوان ڪهاڻيڪار طارق قريشيءَ ۽ پي. ٽي. وي جي سينيئر پروڊيوسر سميع بلوچ جا رايا شامل آهن. سميع بلوچ لکيو آهي ته’ڊرامي‘ جو هڪ گرامر آهي، جنهن کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. محمد ايوب گاد جو هيءُ پهريون قدم آهي. محمد ايوب گاد هر فن موليٰ، موسيقيءَ جي سڌ ٻڌ رکندڙ صوفي طبيعت جو مالڪ آهي ۽ سدائين منفرد ڪم هٿ ۾ کڻندو آهي. موسيقي، شاعري، ڊرامو، چترڪاري، فوٽو گرافي ۽ پوءِ ان ڪم کي نهايت خوش اصلوبيءَ سان نڀائيندو به آهي. 173 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 120 رپيا آهي. جنهن کي ڪنول پبليڪيشن قنبر ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو